Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:8 - Sindhi Bible

8 اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جنهن کي روح تي ايترو اختيار آهي تہ روح کي روڪي؛ يا مرڻ جي ڏينهن تي اختيار رکي؛ انهيءَ جنگ ۾ ڇوٽڪارو ڪونهي: جيڪو موت لاءِ مقرر آهي شرارت انهي کي ڪين ڇڏائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.


جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛


جي هو ماڻهوءَ تي پنهنجو خيال رکندو، جي هو انهيءَ جو روح ۽ انهيءَ جو ساهہ پاڻ وٽ آڻي گڏ ڪندو.


اهو ڪهڙو ماڻهو اهي جو پيو جيئندو ۽ موت کي ڪين ڏسندو، ڪير پنهنجيءَ جان کي قبر کان بچائيندو؟


بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون.


ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


انسان جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ اُهو مٿي ٿو وڃي يا نہ، ۽ جانور جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ هو هيٺ زمين ۾ ٿو وڃي يا نہ؟


پر شريرن جو ڀلو نہ ٿيندو، نڪي انهن جي عمر جا ڏينهن گهڻا ٿيندا، جي پاڇي وانگر آهن؛ ڇالاءِ جو هو خدا جي اڳيان خوف نٿو رکي.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.


ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


بي آبروئيءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ جلال جي حالت ۾ جيارجي ٿو؛ ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ زورائتي حالت ۾ جيارجي ٿو،


جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ