Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:5 - Sindhi Bible

5 جيڪو حڪم بجاءِ آڻيندو، تنهن کي ڪا خرابي نہ رسندي: ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي دل وقت ۽ انصاف معلوم ڪري ٿي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪو بادشاهہ جو حڪم بجا آڻيندو، سو مشڪلاتن جو منهن نہ ڏسندو. تنهنڪري ڏاهو ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو تہ ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڪڏهن ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.


جڏهن آءٌ تنهنجي سڀني حڪمن تي نظر ڪندس، تڏهن شرمندو ڪين ٿيندس.


پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.


سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.


ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.


ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سندس سڄي هٿ ۾ آهي؛ پر بي عقل جي دل سندس کٻي هٿ ۾ آهي.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.


آءٌ توکي نصيحت ٿو ڏيان تہ بادشاهہ جو حڪم خدا جي قسم وانگر بجاءِ آڻ.


افرائيم تي ظلم ٿيو آهي، هو عدالت ۾ چپجي ويو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اجاين ڳالهين جي پٺيان هلڻ ۾ راضي هو.


تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.


انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،


پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ