Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:3 - Sindhi Bible

3 هن جي حضوريءَ مان تڪڙو ٿي نڪري نہ وڃ؛ خراب ڪم وري وري نہ ڪر: ڇالاءِ جو هن کي جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين بادشاهہ کان پنهنجو منهن جلدي نہ موڙيو، نڪي سندس خلاف ڪنهن سازش ۾ شامل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو جيڪي ڪجھہ چاهي سو ڪري ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:


تازي ڪتو ۽ ٻڪر، ۽ بادشاهہ جنهن جي برخلاف ڪو بہ فساد برپا نٿو ٿئي.


جيڪڏهن حاڪم جي طبيعت تنهنجي برخلاف ٿئي، تہ پنهنجي جاءِ ڇڏي نہ وڃ؛ ڇالاءِ جو تحمل وڏن ڏوهن کي جهڪو ڪيو ڇڏي.


ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ