Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن مون خدا جو اُهو سڀ ڪم ڏٺو، ۽ ڄاتم تہ جيڪو ڪم سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو ماڻهو معلوم ڪري نہ سگهندو: ڇالاءِ جو ماڻهو انهي جي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ مٿو هڻندو، تہ بہ انهي کي سمجهي نہ سگهندو؛ هائو، جيتوڻيڪ ڏاهو ماڻهو انهي جي ڄاڻڻ جو خيال ڪندو، تہ بہ هو انهي کي معلوم ڪري نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:


اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي.


اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.


جڏهن مون خيال ڪيو تہ ڪيئن هن ڳالهہ کي سمجهان، تڏهن اها مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي؛


۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.


جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.


هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.


خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟


توکي خبر ناهي ڇا؟ تو ٻڌو ناهي ڇا؟ تہ خداوند، خدا، جو هميشہ قائم آهي، ۽ ساري زمين جو خالق، سو ماندو نٿو ٿئي، نڪي ٿڪجي ٿو؛ هن جي سمجهہ پروڙڻ جي نہ آهي.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ