Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:14 - Sindhi Bible

14 هڪڙو بيهودو ڪم آهي جو زمين تي ڪرڻ ۾ ٿو اچي؛ اُهو هي آهي تہ ڪي اهڙا سچا ماڻهو آهن جن جو شريرن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي؛ وري ڪي اهڙا شرير ماڻهو آهن، جن جو سچن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي: مون چيو اها بہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ هڪڙي ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي، جيڪا هن دنيا ۾ ڪئي پيئي وڃي. اها هيءَ آهي جو هتي سچارن سان اهڙي بري هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا بدڪارن سان ڪرڻ گھربي هئي ۽ هتي بدڪارن سان اهڙي سٺي هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سچارن سان ڪرڻ گھربي هئي. تڏهن مون چيو تہ اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سڀ ۾ ايوب گناهہ نہ ڪيو، نڪي بي عقلي ڪري خدا کي مهڻو ڏنائين.


شرير ماڻهو ڇو ٿا جيئن ۽ ٻڍا ٿين، هائو، ۽ طاقت ۾ وڌيڪ زور وارا ٿيندا وڃن؟


ڏسو، سڀ اوهان پاڻ ڏٺو آهي؛ تڏهن ڇو اوهين بلڪل بيهودا ٿي پيا آهيو؟


ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.


هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، اُها ڄڻ تہ هڪڙي چڪ آهي جا حاڪم جي ڪيل آهي:


ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ