Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهي سان گڏ مون شريرن کي دفن ٿيندو ڏٺو، ۽ اُهي قبر ۾ ويا؛ ۽ جن چڱا ڪم ڪيا هئا سي پاڪ مڪان مان هليا ويا، ۽ شهر مان ڀلجي ويا: اها بہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ کان سواءِ مون ڏٺو آهي تہ بدڪار ماڻهو هيڪل ۾ ايندا ويندا ٿا رهن ۽ مرڻ کان پوءِ وڏي مان مرتبي سان دفن ڪيا ٿا وڃن، جڏهن تہ نيڪ ماڻهو بلڪل وساريا ٿا وڃن. اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.


مون کي مردي وانگر دل تان لاهي ڇڏيو اٿن: آءٌ ڀڳل ٿانوَ وانگر آهيان.


انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.


اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي.


ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!


هاڻي انهي ۾ هڪڙو غريب ڏاهو ماڻهوءَ هٿ آيو، ۽ انهي پنهنجي ڏاهپ سان انهي شهر کي بچايو؛ انهي هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ انهي غريب ماڻهو جي يادگيري ڪانہ ڪئي.


جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي.


اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.


۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.


۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري:


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ