Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:1 - Sindhi Bible

1 ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي سمجهاڻي ڪير ٿو ڄاڻي؟ ماڻهوءَ جي ڏاهپ هن جو منهن چمڪائي ٿي، ۽ هن جي منهن جي سختي مٽجي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڏاهو ماڻهو جنهن کي ڄاڻ آهي سو ڪيئن سڃاتو وڃي؟ ڏاهپ سندس منهن مان پيئي چمڪي ۽ سخت چهري جي بجاءِ هن جو چهرو نرم رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو.


جيڪڏهن هن سان ڪو فرشتو هجي، يا ڪو ترجمان هجي، پوءِ ڀلي هزار ۾ هڪڙو هجي، جو ماڻهوءَ کي سمجهائي تہ سندس لاءِ ڇا درست آهي؛


۽ بني اسرائيل موسيٰ جي چهري ڏانهن نهاريو تہ سندس چهرو چمڪي رهيو هو؛ ۽ موسيٰ جيسين وري هن سان ڳالهائڻ لاءِ اندر نہ ويندو هو، تيسين پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيندو هو.


پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.


شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.


ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،


۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.


۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛


اهڙي خوفناڪ چهري واري قوم، جا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي، نڪي جوان سان مروت ڪندي.


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


۽ پهرين هي ڄاڻجو تہ پاڪ ڪتاب جي ڪابہ پيشنگوئي انساني دل مان پيدا نٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ