Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:8 - Sindhi Bible

8 ڪنهن بہ شيءِ جي پڇاڙي ان جي شروعات کان بهتر آهي: ۽ تحمل وارو روح، مغروريءَ جي روح کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بردبار ماڻهو ٻٽاڪ هڻندڙ کان بهتر آهي، جيئن ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ کان پورو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.


جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


نيڪنامي قيمتي خوشبودار تيل کان بهتر آهي؛ ۽ مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان بهتر آهي.


پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.


اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛


ڇالاءِ جو اوهان کي صبر ڪرڻ ضروري آهي، تان تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اِهو واعدو حاصل ڪريو.


ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي.


اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي.


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ