Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:7 - Sindhi Bible

7 يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ظلم وَ ستم جي وقت ماڻهو عقلمندن کي بي‌عقل سمجھن ٿا، ۽ رشوت سمجھہ کي ناس ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


شرير ماڻهو بغل مان رشوت ڪڍي ڏئي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جا رستا اُبتا ڪري ڇڏي.


سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو.


تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.


جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.


هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو:


اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.


تڏهن اڪيس پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ هي ماڻهو چريو آهي: پوءِ ڇالاءِ اوهان هن کي مون وٽ آندو آهي؟


۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ