Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:5 - Sindhi Bible

5 ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انسان لاءِ عقلمند جي ڇينڀ ٻڌڻ بي‌عقلن جي خوشامند واري راڳ ٻڌڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.


جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.


جيئن سونو در ۽ خالص سون جا زيور، تيئن مڃيندڙ ڪن جي لاءِ ڏاهو نصيحت ڪندڙ.


دوست جا زخم وفائي آهي، پر دشمن جون چميون گهڻيون آهن.


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو.


ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.


ڏاهي جي دل ماتم جي گهر ۾ آهي؛ پر بيعقلن جي دل چرچي واري گهر ۾ آهي.


جيڪو بي عقلن ۾ حڪومت ٿو ڪري تنهنجي هڪل کان، ڏاهي ماڻهوءَ جي آرام سان ڪيل ڳالهہ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ