Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:4 - Sindhi Bible

4 ڏاهي جي دل ماتم جي گهر ۾ آهي؛ پر بيعقلن جي دل چرچي واري گهر ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو ماڻهو هميشہ خوشين بابت ٿو سوچي، سو بي‌وقوف آهي. جڏهن تہ عقلمند ماڻهو اهو آهي جيڪو موت بابت ٿو سوچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو.


مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي اچ، آءٌ خوشيءَ سان توکي آزمائيندس؛ تنهن ڪري مزا ماڻ: ۽ ڏس اها بہ بيهودگي آهي.


ڏک، کل کان بهتر آهي، ڇالاءِ جو شڪل جي اُداسيءَ ڪري دل سڌري ٿي.


ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.


منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


۽ جڏهن هو انهي کي اُتي وٺي آيو تڏهن ڏسن تہ هو سڀ زمين تي پکڙيا ويٺا آهن، ۽ پيا کائن، ۽ پيئن، ۽ مزا ماڻين، ڇالاءِ جو هنن فلستين جي ملڪ مان، ۽ يهوداہ جي ملڪ مان گهڻو لٽ جو مال آندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ