Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:26 - Sindhi Bible

26 ۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.


هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟


تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟


انهيءَ لاءِ تہ توکي ڌاريءَ زال کان بچائي، يعني انهيءَ ڌاريءَ زال کان جا پنهنجين ٻولين سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي؛


ڌاريءَ زال جو وات هڪڙي اونهي کڏ آهي: جنهن مان خداوند کي نفرت ٿي اچي سو انهيءَ ۾ ڪرندو.


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


انهيءَ لاءِ تہ توکي خراب زال کان، ۽ ڌارين جي خوشامد کان بچائين.


پر هو نہ ٿو ڄاڻي تہ مئل اتي آهن؛ ۽ ان جا مهمان قبر جي تري ۾ آهن.


ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ڏسو واعظ ٿو چوي، تہ هڪڙي شيءِ ٻيءَ تي رکي، سبب معلوم ڪرڻ سان مون ايترو معلوم ڪيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ