Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:20 - Sindhi Bible

20 يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛


جيڪڏهن هو تنهنجي برخلاف گناهہ ڪن (ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جو گناهہ نہ ٿو ڪري) ۽ تون انهن تي ڪاوڙجين، ۽ انهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين ۽ هو انهن کي قيد ڪري ڪنهن ويجهي يا پرانهينءَ جاءِ ۾ وٺي وڃن؛


ڏس، آءٌ توکي جواب ڏيندس، انهيءَ ڳالهہ ۾ تون انصاف وارو نہ آهين؛ ڇالاءِ جو خدا ماڻهوءَ کان وڏو آهي.


اي خداوند جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ اي خداوند ڪير بيهي سگهندو؟


احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.


اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو.


ڪير چئي سگهندو تہ مون پنهنجي دل پاڪ ڪئي آهي، ۽ آءٌ گناهہ کان پاڪ آهيان.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


تہ ڪاهن اهي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن هن جي بت جي کل وارا داغ جهڪا اڇا هجن؛ تہ اهو لسڻ آهي؛ جو کل ۾ نڪتو آهي؛ اهو پاڪ آهي.


انهي لاءِ تہ سڀني گناهہ ڪيو آهي، ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن؛


ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.


پوءِ يونتن ڏاڍو ڪاوڙجي ميز تان اُٿيو، ۽ مهيني جي انهي ٻئي ڏينهن ماني ڪانہ کاڌائين: ڇالاءِ جو هن کي دائود جي ڳڻتي جي لاءِ ڏک هو، جو پڻس هن کي شرمندو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ