Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:18 - Sindhi Bible

18 چڱو ائين آهي تہ تون انهي کي قابو ڪري جهلين؛ هائو. انهي کان پنهنجو هٿ بہ نہ ڪڍي وٺ: ڇالاءِ جو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو، سو انهن سڀني کان جند ڇڏائي نڪري اچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 چڱي ڳالهہ هيءَ آهي جو اوهين ٻنهي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان بچي وڃو. خدا کان ڊڄندا رهو. بس، اهو ئي اوهان جو فرض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.


آءٌ سچائيءَ جي رستي تي، ۽ عدالت جي واٽن جي وچان هلان ٿي:


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


مون کي خبر آهي تہ جيڪي بہ خدا ڪري ٿو سو هميشہ پيو ٿيندو: انهي ۾ ڪجهہ بہ وڌائي نٿو سگهجي، نڪي ڪجهہ منجهانئس گهٽائي سگهجي ٿو: ۽ خدا ائين ڪيو آهي تہ ماڻهو سندس اڳيان ڊڄن.


ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:


پر شريرن جو ڀلو نہ ٿيندو، نڪي انهن جي عمر جا ڏينهن گهڻا ٿيندا، جي پاڇي وانگر آهن؛ ڇالاءِ جو هو خدا جي اڳيان خوف نٿو رکي.


۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.


پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ