Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:15 - Sindhi Bible

15 هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهو سڀ ڪجھہ مون پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ دوران ڏٺو آهي. مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ ڪيترائي نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪن ٿا، پر پوءِ بہ مري چٽ ٿي ٿا وڃن. جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندي وڏي عمر تائين جيئرا ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.


پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس.


ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.


۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.


۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ