Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:13 - Sindhi Bible

13 خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خدا جي ڪمن تي غور ويچار ڪريو. جنهن شيءِ کي هن ڏنگو بڻايو آهي، تنهن کي ڪير سڌو ڪري ٿو سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو انهيءَ مان لنگهي بند ڪري ڇڏي، ۽ عدالت لاءِ سڏي تہ پوءِ ڪير هنکي روڪي سگهندو؟


ڏس، هو ڊاهي ٿو تہ اهو وري اڏجي نٿو سگهي؛ هو ڪنهن ماڻهوءَ کي بند ڪري ٿو تہ اهو کلي نٿو سگهي.


جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي:


اي ايوب، هي ڌيان ڏئي ٻڌ: ماٺ ڪري بيهہ ۽ خدا جي عجيب غريب ڪمن تي ويچار ڪر.


ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟


جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.


جڏهن آءٌ آسمانن تي، جي تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن، ۽ چنڊ ۽ تارا، جي تو مقرر ڪيا آهن، تن تي غور ٿو ڪريان؛


جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو.


هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.


تڏهن مون خدا جو اُهو سڀ ڪم ڏٺو، ۽ ڄاتم تہ جيڪو ڪم سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو ماڻهو معلوم ڪري نہ سگهندو: ڇالاءِ جو ماڻهو انهي جي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ مٿو هڻندو، تہ بہ انهي کي سمجهي نہ سگهندو؛ هائو، جيتوڻيڪ ڏاهو ماڻهو انهي جي ڄاڻڻ جو خيال ڪندو، تہ بہ هو انهي کي معلوم ڪري نہ سگهندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند اهو ارادو ڪيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي باطل ڪندو؟ ۽ اُنهيءَ جو هٿ ڊگهو ٿيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي موٽائيندو؟


هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


پوءِ جڏهن اوهان کان ههڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نٿي سگهي، تڏهن ٻين شين لاءِ فڪر ڇو ٿا ڪريو؟


ڇالاءِ جو هو موسيٰ کي چوي ٿو تہ ”جنهن تي رحم ڪرڻو اٿم، تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ترس ڪرڻو اٿم، تنهن تي ترس ڪندس.“


تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ