Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 6:3 - Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 6:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن.


۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.


هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ


۽ هو هن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويا: پر ڏٺائون تہ سندس بدن مان سواءِ ميڄالي، ۽ پيرن ۽ هٿن جي ترين جي، ٻيو ڪي ڪين بچيو آهي.


۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.


۽ رحبعام جي پنهنجن زالن ۽ سريتن کان، ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان گهڻي محبت هئي: (هن کي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، ۽ اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئون کيس ڄايون).


۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


ڇالاءِ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نہ مئس؟ ڇالاءِ جڏهن آءٌ پيٽ مان نڪتس تڏهن ساهہ نہ ڏنم؟


يا لڪل ڪچي ويم وانگر آءٌ نہ هجان ها؛ انهن ٻارن وانگر جي ڪڏهن بہ روشنائي نٿا ڏسن.


جيئن گهونگهو ڳري فنا ٿيو وڃي؛ ۽ جيئن ڪنهن زال جو ڪچو ٻار ٿو ڪري ۽ روشني نٿو ڏسي، تيئن اهي سڀ فنا ٿي وڃن.


اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن.


بلڪ انهن ٻنهي کان مون کي اهو پسند هو جو اڃا ڄائو ئي ڪونهي، ۽ جنهن اڃا اهو خراب ڪم ڏٺو ئي ڪونهي جو سج هيٺان ٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو اهو بيهودو ٿو اچي، ۽ اونداهيءَ ۾ هليو وڃي، ۽ انهي جو نالو اونداهيءَ ۾ ڍڪجيو وڃي؛


هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.


تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ