Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 6:2 - Sindhi Bible

2 ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اها هيءَ آهي تہ ڪن ماڻهن کي خدا مال، دولت ۽ عزت عطا ڪئي آهي، ايتري قدر جو وٽن اهڙي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانهي جيڪا سندن دل گھري. انهيءَ هوندي بہ خدا کين اها توفيق نہ ٿو ڏئي تہ هو انهيءَ مان مزو ماڻين، بلڪ ڪي ٻيا ماڻهو انهيءَ مان کائي پئي عيش ٿا ڪن. اها بہ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهہ آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 6:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون توکي اهو بہ ڏنو آهي جو تو نہ گهريو آهي، يعني دولت، ۽ عزت، جنهنڪري تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهن مان ڪوبہ تو جهڙو نہ ٿيندو.


۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.


۽ هن ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي، دولت ۽ عزت سان آسودہ ٿي، وفات ڪئي: ۽ سندس پٽ سليمان سندس بدران بادشاهہ ٿيو.


۽ خدا سليمان کي چيو تہ جڏهن اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي، ۽ تو مال ۽ دولت، ۽ عزت نہ گهري آهي، ۽ نہ پنهنجن دشمنن جي حياتي گهري اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گهري اٿيئي؛ بلڪ پنهنجي لاءِ علم ۽ عقل گهريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن منهنجي قوم تي مون توکي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، تنهن جي عدالت ڪرين:


اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


انهن جون اکيون چرٻيءَ جي ڪري ٻاهر نڪتل آهن: سندن دل جا خيال حد کان ٻاهر ٿا نڪرن.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.


۽ اها بہ هڪڙي وڏي خرابي آهي تہ هر طرح جيئن هو آيو هو تيئن هو ويندو: ۽ انهي کي ڪهڙو فائدو حاصل آهي تہ هو واءُ جي لاءِ پورهيو ڪري؟


ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.


سڀڪو ماڻهو جنهن کي خدا مال ۽ دولت ڏني آهي، ۽ انهي مان کائڻ جو، ۽ پنهنجي حصي وٺڻ جو، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ خوش رهڻ جو کيس اختيار ڏنو آهي؛ اها خدا جي بخشش آهي.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين.


جڏهن اوهين هلندا تڏهن هڪڙي امن ۾ رهندڙ قوم ڏسندا؛ ۽ اُها زمين گهڻي آهي: ڇالاءِ جو اها خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏني آهي؛ اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ