Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 6:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 6:12
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پرديسي ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا: اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، ۽ جٽاءُ ڪونهي.


هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو.


هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي.


(ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:)


منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.


آءٌ لهندڙ پاڇي وانگي گهٽبو وڃان: آءٌ مڪڙ وانگيان هيٺ مٿي پيو ڌڪا کانوان.


انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي.


خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.


باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.


هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي.


ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي!


بي عقل گهڻو ڳالهائي بہ ٿو، انهي هوندي بہ ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي تہ ڇا ٿيندو؛ ۽ جيڪي انهي کان پوءِ ٿيندو سو ڪير چئي سگهندو.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


جڏهن ظاهر آهي تہ گهڻيون ئي شيون آهن، جي بيهودگي وڌائين ٿيو، تڏهن انسان کي ڪهڙو فائدو آهي؟


هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.


پر شريرن جو ڀلو نہ ٿيندو، نڪي انهن جي عمر جا ڏينهن گهڻا ٿيندا، جي پاڇي وانگر آهن؛ ڇالاءِ جو هو خدا جي اڳيان خوف نٿو رکي.


هن کي خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؛ ڇالاءِ جو ڪير هن کي چئي سگهندو تہ ڪيئن اهو ٿيندو؟


انهن جي محبت، توڙي انهن جي عداوت، توڙي انهن جو حسد گم ٿي وڃي ٿو، نڪي جيڪي سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي تنهن مان ڪڏهن بہ وري اڳتي انهن کي ڪو حصو ملي ٿو.


جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ