Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:4 - Sindhi Bible

4 جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اوهين خدا آڏو ڪو واعدو ڪريو، تہ پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي اهو پورو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙن اُٻهرن بي‌وقوفن مان خوش نہ ٿو رهي. تنهنڪري پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،


پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ اُٿ، بيت ايل ۾ وڃي رهہ: ۽ جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽان ڀڄي نڪتو هئين، تڏهن جنهن خدا توکي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن لاءِ اتي قربانگاهہ جوڙ.


اُٿو تہ بيت ايل ڏانهن هلون؛ ۽ اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيندس، جنهن منهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن منهنجو سوال ٻڌو، ۽ جنهن واٽ ۾ ويس ٿي، تنهن ۾ مون ساڻ هو.


آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.


وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ مڃتائون مڃي پوريون ڪريو: ۽ اوهين سڀيئي جي هن جي چوڌاري بيٺا آهيو، انهي جي لاءِ، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، نذرانا آڻيو.


تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.


۽ خداوند مصر ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو، ۽ اُنهي ڏينهن مصري خداوند کي سڃاڻندا؛ هائو هو قربانيءَ سان ۽ نذراني سان سجدو ڪندا، ۽ خداوند جي لاءِ مڃتائون مڃيندا، ۽ اهي پوريون ڪندا.


پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري.


ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر:


سوختني قربانين ۽ گناهہ جي قربانين سان تون خوش نہ ٿئين:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ