Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:2 - Sindhi Bible

2 پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرهام جواب ڏيئي چيو تہ هاڻي ڏس، مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ آءٌ فقط مٽي ۽ رک آهيان:


۽ هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ چوان: شايد اتي ٽيهہ ڄڻا لڀن. ۽ هن چيو تہ جي آءٌ اتي ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس.


تڏهن هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان: شايد اتي ڏهہ لڀن. هن چيو تہ ڏهن جي صدقي بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس.


اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،


۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.


اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.


گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.


تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.


ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.


هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي.


ڇالاءِ جو خواب ڪم جي گهڻائيءَ کان ٿو اچي؛ ۽ بي عقل جو آواز ڳالهين جي گهڻائيءَ کان.


ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.


جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن.


يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:


۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.


تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،


۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ.


ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.


۽ افتاح خداوند جي اڳيان مڃتا مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون بني عمون کي منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ