Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:17 - Sindhi Bible

17 پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان کان علاوہ انسان پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ موت ئي موت ڏسي ٿو ۽ کيس زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي مصيبتون، ڏک ۽ جھيڙا سهڻا پون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:17
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛


۽ اُنهيءَ زال چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، پر مٽ ۾ اٽي جي مٺ ۽ دليءَ ۾ ٿورو تيل اٿم: ۽ ڏس آءٌ ٻہ ڪاٺيون ٿي ميڙيان تہ وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچايان، تہ اُهو کائون ۽ مرون.


۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.


تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.


تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.


۽ ٻيو ساهہ جي ساڙ ۾ مري ٿو، ۽ چڱائيءَ جو ذرو بہ نٿو چکي.


ڇو جو آءٌ خاڪ مانيءَ وانگر ٿو کاوان، ۽ لڙڪ گڏيل پاڻي ٿو پيئان.


اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين.


۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:


ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ