Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:13 - Sindhi Bible

13 هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هڪڙي تمام وڏي خرابي جيڪا مون هن دنيا ۾ ڏٺي آهي، سا اها آهي تہ ماڻهو پنهنجي دولت ڏک سهي ڪري بچائي تہ رکن ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:13
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو سڀ مال متاع، ۽ پنهنجو ڀاءُ لوط ۽ سندس مال متاع، زالن ۽ ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.


۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


پر لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺ تي نهاريو ۽ هوءَ لوڻ جو ٿنڀ ٿي پيئي.


ڇالاءِ جو هن پنهنجي اندر ۾ ڪوبہ آرام نہ ڏٺو، ۽ جنهن شيءِ مان هن کي خوشي حاصل ٿي ٿئي تنهن مان ڪجهہ نہ بچائيندو.


جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.


ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


دولتمند ٿيڻ لاءِ پاڻ کي هلاڪ نہ ڪر؛ پنهنجي اها ڏاهپ ڇڏي ڏي.


ڇالاءِ جو دولت هميشہ لاءِ ناهي، ۽ ڇٽ سڀني پيڙهين تائين جٽاءُ ڪري ٿو ڇا؟


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


۽ اها دولت ڪنهن خراب اتفاق سان ناس ٿي وڃي ٿي؛ ۽ جي انهي ماڻهو کي ڪو پٽ ڄمي ٿو تہ انهي جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نٿو رهي.


هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ