Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:11 - Sindhi Bible

11 جڏهن وکر وڌي ٿو تڏهن کائڻ وارا بہ وڌن ٿا: پوءِ انهي جي مالڪ کي سواءِ اکين سان ڏسڻ جي، ٻيو ڪهڙو فائدو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن ڪنهن وٽ مال جي گھڻائي ٿئي ٿي، تڏهن انهيءَ کي کائڻ وارا بہ گھڻا ئي ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهيءَ ملڪيت جي مالڪ کي سواءِ اکين جي ڍءَ جي ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين.


۽ ابرام وٽ چوپايو مال ۽ چاندي ۽ سون گهڻو هو.


جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.


اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.


انهي طرح آءٌ وڏو هوس، ۽ يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ٿي گذريا هئا تن سڀني کان آءٌ وڌي ويس: ۽ منهنجي ڏاهپ بہ مون ۾ قائم رهندي آئي.


پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي.


اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.


ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟


ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ