Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 4:4 - Sindhi Bible

4 تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 4:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وٽس ڌڻ، ۽ ڍور، ۽ گهڻيئي نوڪر هئا، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.


۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس.


ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ڇالاءِ جو ڪو ماڻهو اهڙو آهي جنهن جو پورهيو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ هنر منديءَ سان آهي: انهي هوندي بہ اهو انهي جي حصي جي لاءِ ڇڏيندو جنهن انهي جي ڪرڻ ۾ ڪا بہ محنت نہ ڪئي آهي. اها بہ بيهودگي ۽ هڪڙي وڏي خرابي آهي.


ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


اهي سڀيئي ماڻهو، جن جي هو مٿان هو، تن جي پڄاڻي ڪانہ هئي: انهي هوندي بہ جيڪي پوءِ ايندا سي هن مان خوش نہ ٿيندا. يقين آهي تہ هيءَ بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جڏهن ظاهر آهي تہ گهڻيون ئي شيون آهن، جي بيهودگي وڌائين ٿيو، تڏهن انسان کي ڪهڙو فائدو آهي؟


اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن.


۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ