Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 4:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو هو قيد مان اچي بادشاهہ ٿيو، هائو، بلڪ پنهنجي بادشاهت ۾ هو غريب ڄائو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 4:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو.


۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.


۽ يهويقيم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.


اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا.


مون سڀني سج هيٺان هلندڙن ساهہ وارن کي ڏٺو، تہ اُهي هن ٻئي ڇوڪر سان هئا، جو هن جي جاءِ تي اُٿي بيٺو.


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي.


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ