11 وري جي ٻہ گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن: پر هڪڙو ڇڙو ڪيئن گرم رهي سگهندو؟
11 وري جيڪڏهن ٻہ ڄڻا گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن. پر هڪڙو اڪيلو ماڻهو ڪيئن گرم رهي سگھندو؟
ڇالاءِ جو جيڪڏهن هو کڻي ڪرن تہ هڪڙو پنهنجي ٻئي سنگتيءَ کي تہ کڻندو: پر افسوس انهي تي جو اڪيلو آهي ۽ ڪري ٿو، ۽ ٻيو ڪوبہ کڻڻ وارو ڪونہ اٿس.
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اڪيلي شخص تي غالب پوندو، تہ ٻہ ڄڻا وري بہ انهي کي سامهون ٿيندا؛ ۽ ٽيڻو وٽيل ڌاڳو جلد ڪين ڇڄندو.