Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 4:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هو کڻي ڪرن تہ هڪڙو پنهنجي ٻئي سنگتيءَ کي تہ کڻندو: پر افسوس انهي تي جو اڪيلو آهي ۽ ڪري ٿو، ۽ ٻيو ڪوبہ کڻڻ وارو ڪونہ اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪڙو ڪرندو، تہ ٻيو سنگتي انهيءَ کي سنڀالي وٺندو. پر افسوس آهي انهيءَ تي جيڪو اڪيلو آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اهو ڪرندو تہ کيس ڪوبہ اٿارڻ وارو ڪونہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 4:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.


۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.


۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟


وري جي ٻہ گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن: پر هڪڙو ڇڙو ڪيئن گرم رهي سگهندو؟


هڪڙي کان ٻہ چڱا آهن؛ ڇالاءِ جو انهن کي سندن پورهئي جو چڱو بدلو ٿو ملي.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.


تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.


۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ