8 پيار ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڌڪارڻ لاءِ وقت؛ جنگ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ صلح ڪرڻ لاءِ وقت.
8 محبت ڪرڻ جو وقت هجي توڙي نفرت ڪرڻ جو، جنگ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي صلح ڪرڻ جو.
پر هاڻي خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪو مخالف آهي ۽ نہ ڪا خرابي آهي.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟
۽ ياهو بن حناني غيب دان هن جي استقبال لاءِ ويو ۽ يهوسفط بادشاهہ کي چيائين، تہ اهو مناسب آهي ڇا تہ تون شريرن کي مدد ڏين ۽ جي خداوند کي ڌڪارين ٿا تن کي پيار ڪرين؟ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند جي طرفان توتي ڪاوڙ آئي.
آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.
هن انهن جي دلين کي ڦيرايو جنهن ڪري اهي هن جي اُمت سان دشمني ڪرڻ لڳا، ۽ سندس بندن سان دغابازي ڪرڻ لڳا.
اي خداوند جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن، تن سان آءٌ عداوت نٿو رکان ڇا؟ ۽ جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن سان آءٌ ناراض نٿو ٿيان ڇا؟
سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.
هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.
جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.
۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.
اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛
انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن،
انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
مون کي تنهنجي ڪم ۽ تنهنجي محنت، ۽ صبر جي خبر آهي، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون خراب ماڻهن کي سهي نٿو سگهين؛ ۽ جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين ۽ آهن ڪين، تن کي تو آزمائي ڏٺو تہ ڪوڙا آهن.