تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ پاڻ سان دمشق جون سڀ عمديون شيون، چاليهن اُٺن جي بار جيتريون، تحفو ڪري کڻائي ويو، ۽ وڃي هن جي اڳيان بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ تنهنجي پٽ ارام جي بادشاهہ بن هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ پڇيو اٿس تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ؟
۽ جنهن ڪنهن منهنجي نالي ڪري گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا پيءُ، يا ماءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏي ڏنيون آهن، تن کي اُهي سؤڻيون ملنديون، ۽ اهو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيندو.