4 روئڻ جي لاءِ وقت، ۽ کلڻ جي لاءِ وقت، ماتم ڪرڻ جي لاءِ وقت، ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ وقت؛
4 روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،
۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.
۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.
تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:
ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.
۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.
پٿر اُڇلائڻ لاءِ وقت، ۽ پٿر گڏ ڪرڻ لاءِ وقت؛ ڀاڪر پائڻ لاءِ وقت، ۽ ڀاڪر کان پري رهڻ لاءِ وقت؛
سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.
اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.
اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.
تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين.
يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.
۽ جڏهن سندس پاڙي وارين ۽ مٽن مائٽن ٻڌو تہ خداوند مٿس ڏاڍي ٻاجهہ ڪئي آهي؛ تڏهن ساڻس گڏجي خوشي ڪيائون.
جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.
ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.
افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.