Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 3:20 - Sindhi Bible

20 سڀ هڪڙي هنڌ وڃن ٿا؛ سڀ مٽيءَ مان آهن، ۽ سڀ وري بہ مٽيءَ ۾ ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هر جاندار مخلوق هڪڙي ئي هنڌ وڃي ٿي، سڀيئي مٽيءَ مان بڻايا ويا آهن ۽ سڀني کي وري مٽيءَ سان ئي وڃي ملڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 3:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.


پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟


جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي.


جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر ڄاڻي منتظر ٿو رهان؛ جي مون پنهنجو هنڌ اونداهيءَ ۾ وڇايو آهي؛


تڏهن بہ تباهيءَ جي وقت ڪير پنهنجو هٿ نہ ڊگهيريندو؟ يا مصيبت جي وقت مدد لاءِ نہ پڪاريندو؟


تہ سڀ جسم وارا گڏ فنا ٿي ويندا، ۽ ماڻهو وري بہ مٽيءَ ڏي موٽندو.


جيئن ڪو ڪڪر کپيو گم ٿيو وڃي، تيئن جيڪو هيٺ قبر ۾ ٿو وڃي سو وري مٿي نٿو اچي.


ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين.


تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن.


اهي قبر ۾ ويندڙ ڌڻ وانگي ٺهرايل آهن، ۽ موت انهن جو ڌنار ٿيندو: سچار انهن تي صبح جو حڪومت ڪندو؛ ۽ انهن جي سونهن قبر جو قوت ٿي ويندي، تہ انهن جي لاءِ ڪا جاءِ نہ رهي.


۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.


انسان جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ اُهو مٿي ٿو وڃي يا نہ، ۽ جانور جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ هو هيٺ زمين ۾ ٿو وڃي يا نہ؟


هائو، جيتوڻيڪ اهو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئي، تہ بہ هن ڪا خوشي نہ ڏٺي: سڀيئي هڪڙي هنڌ نٿا وڃن ڇا؟


ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.


۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ