نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.
۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.
اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي
جي ڍاول هئا سي مانيءَ جي لاءِ مزوري ڪمائڻ لڳا آهن؛ ۽ جي بکايل هئا، تن کي آرام آهي: هائو، سنڍ زال ست ڄڻيا آهن؛ ۽ جنهن زال کي گهڻا ٻار آهن، سا زبون ٿي ويئي آهي.