Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 3:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو جيڪي انسانن تي ٿو اچي سو جانورن تي ٿو اچي؛ ساڳي ئي شيءِ انهن تي اچي ٿي: جيئن هڪڙو ٿو مري تيئن ٻيو ٿو مري: هائو، انهن ٻنهي کي هڪڙو ساهہ آهي؛ ۽ ڪو انسان حيوان کان مٿي ناهي. ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ڪجھہ انسان سان ٿي گذري ٿو سو ئي جانورن سان بہ ٿئي ٿو. ٻنهي سان هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون. انسان بہ جانورن وانگر ساهہ کڻن ٿا ۽ مري ٿا وڃن. سو انسان حيوان کان وڌيڪ ناهي. بيشڪ اهو راز سمجھڻ ممڪن ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 3:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن.


پر ماڻهو عزت جي حالت ۾ جٽاءُ نٿو ڪري: هو جانورن وانگر فنا ٿيو ٿا وڃن.


انهن جي هيءَ واٽ بيوقوفي آهي: تڏهن بہ انهن کان پوءِ سندن ڳالهيون ماڻهن کي وڻن ٿيون.


جنهن ماڻهوءَ کي وڏو مرتبو آهي، پر سمجهہ نہ اٿس، اُهو جانورن وانگر آهي جي فنا ٿي ٿا وڃن.


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!


ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.


سڀ ڳالهيون سڀني تي هڪ جهڙيون اچن ٿيون: ساڳي هڪڙي حالت سچي سان بہ لاڳو آهي، ۽ شريرن سان بہ؛ چڱي سان بہ، ۽ پاڪ سان بہ؛ جيڪو قرباني ڪري ٿو تنهن سان بہ، ۽ جيڪو قرباني نٿو ڪري تنهن سان بہ: جهڙو نيڪ آهي، تهڙو گنهگار: جهڙو قسم کڻندڙ آهي، تهڙو اُهو جو قسم کان ڊڄي ٿو.


جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن، يا جيڪڏهن هنن تي ڪا اهڙي آفت نازل ٿئي، جا ٻين سڀني ماڻهن تي ٿيندي آهي، تہ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ