Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 3:16 - Sindhi Bible

16 ۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 مون اهو بہ جاچي ڏٺو تہ دنيا ۾ هر هنڌ چڱائيءَ بدران بڇڙائي ۽ انصاف بدران ناانصافي پيئي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 3:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.


جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.


هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.


۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.


۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.


هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس، يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف ڪوڙي شاهدي ڳولڻ لڳا،


تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ