Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 3:12 - Sindhi Bible

12 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيستائين انسان جيئرو آهي، تيستائين خوش رهڻ، ۽ چڱائي ڪرڻ کان سواءِ هنن جي لاءِ ٻي ڪابہ شيءِ بهتر ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري مون ڄاڻي ورتو آهي تہ انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ڳالهہ انسان جي وس ۾ ناهي جو هو پنهنجي پوري حياتي رڳو خوش رهي ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 3:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.


اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.


پوءِ تون، ۽ لاوي، ۽ جيڪو پرديسي اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي، جيڪي نعمتون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جي ڪري خوشيون ڪجو.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.


۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ