Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:9 - Sindhi Bible

9 انهي طرح آءٌ وڏو هوس، ۽ يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ٿي گذريا هئا تن سڀني کان آءٌ وڌي ويس: ۽ منهنجي ڏاهپ بہ مون ۾ قائم رهندي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9-10 جيڪي ماڻهو انهيءَ وقت يا انهيءَ کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا، تن سڀني کان آءٌ عظمت ۽ دولت ۾ وڌي ويس. مون جيڪي چاهيو سو حاصل ڪيو ۽ اهو ئي ڪجھہ پئي ڪيم جنهن سان منهنجي دل کي خوشي حاصل پئي ٿي. منهنجي دل منهنجي انهيءَ سڄي محنت جي ڪري بيحد خوش هئي ۽ اها خوشي منهنجو انعام هو. تنهن هوندي بہ انهيءَ وقت دوران مون ڏاهپ واري جاچ کي ڇڏي ڪونہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح بادشاهہ سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ زمين جي سڀني بادشاهن کان ڪسر کڻي ويو.


انهيءَ هوندي بہ جيسين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيسين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم: ڏس، مون کي اڌ بہ نہ ٻُڌايو هئائون: تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جا مون ٻڌي هئي.


تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن مون ڪيو آهي: ڏس مون توکي عقل ۽ سمجهہ واري دل ڏني آهي؛ جنهنڪري تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو توکان اڳي نہ ٿيو، ۽ نہ توکان پوءِ ڪو ٻيو تو جهڙو پيدا ٿيندو.


۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.


۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ چيم تہ ڏس تہ يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳي ٿي گذاريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ مون ڏاهپ حاصل ڪئي آهي: هائو، عقل ۽ علم جو منهنجي دل کي وڏو آزمودو آهي.


جڏهن وکر وڌي ٿو تڏهن کائڻ وارا بہ وڌن ٿا: پوءِ انهي جي مالڪ کي سواءِ اکين سان ڏسڻ جي، ٻيو ڪهڙو فائدو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ