Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:8 - Sindhi Bible

8 مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 مون گھڻو ئي سون ۽ چاندي گڏ ڪيو ۽ ڌارين بادشاهتن تي قبضو ڪري انهن ملڪن مان قيمتي خزانا هٿ ڪيا. مون پنهنجي لاءِ عورتون ۽ مرد ڳائڻا مقرر ڪيا ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ گھڻيون ئي سريتون رکيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟


پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي سون جا هڪ سؤ ويهہ قنطار، ۽ مصالحن جو وڏو انبار، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: اهي مصالحا، جي سبا جي ملڪہ بادشاهہ سليمان کي ڏنا، تنهن کان وڏو انداز وري ڪٿان بہ ڪونہ آيو.


هاڻي جيڪو سون هڪ ورهيہ ۾ سليمان وٽ آيو، سو تور ۾ ڇهہ سؤ ڇاهٺ قنطار ٿيو،


۽ بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا باسڻ سڀ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ بہ نج سون جا هئا: ڪي بہ چانديءَ جا نہ هئا؛ سليمان جي ڏينهن ۾ اُها ليکي ۾ ئي نہ هئي.


۽ هن کي ست سؤ زالون هيون، جي شهزاديون هيون، ۽ ٽي سؤ سريتون هيس: ۽ اُنهن زالن هن جي دل ڦيرائي ڇڏي.


۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون جوڙايون، ۽ جيڪي سپاهي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا، تن جي عملدارن جي هٿن ۾ اُهي ڏيئي ڇڏيائين.


۽ حيرام بادشاهہ ڏي هڪ سؤ ويهہ سون جا قنطار موڪليا.


۽ اُهي اوفير ۾ آيا، ۽ اُتان چئن سوَن ۽ ويهن قنطارن جيترو سون کڻي بادشاهہ سليمان وٽ آندائون.


انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:


اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا.


۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر جي لاءِ، ۽ بادشاهہ جي گهر جي لاءِ ڪٽهڙا جوڙيا، ۽ ڳائڻ وارن لاءِ بربط ۽ سنطور: اهڙا يهوداہ جي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن نہ ڏٺا ويا هئا.


تنهن کانسواءِ، انهن جا ٻانها ۽ ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ ماڻهو هئا: ۽ انهن وٽ ٻہ سؤ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون.


واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي.


هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟


تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:


تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.


جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ