۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.
۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.
انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.
هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.
تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.
ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو.