۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.