Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:4 - Sindhi Bible

4 مون پنهنجي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛ مون پنهنجي لاءِ گهر جوڙيا: مون پنهنجي لاءِ ڊاک جا منهہ لڳايا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن مون ڪجھہ وڏا وڏا ڪم ڪيا. مون پنهنجي لاءِ گھر جوڙايا ۽ انگورن جا باغ لڳرايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.


هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ عهدنامو آهي: ڏس مون تو ڏانهن سون ۽ چاندي تحفو ڪري موڪليو آهي؛ وڃي اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو عهد ڀڃ تہ هو مون وٽان هليو وڃي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو،


۽ ڊاکن جي منهن مٿان سمعي راماتي هو: ۽ شراب جي بهرن واسطي ۽ انگور جي واڌاري لاءِ زبدي شفمي هو:


۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.


۽ سليمان فرعون جي ڌيءَ کي، دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ گهر ۾ آندو، جو هن سندس لاءِ جوڙايو هو. ڇالاءِ تہ هن چيو تہ منهنجي زال اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي گهر ۾ نہ رهندي، ڇالاءِ جو جن جاين ۾ خداوند جي صندوق آئي آهي، سي پاڪ آهن.


اهي پنهنجيءَ دل ۾ سمجهن ٿا تہ اسان جا گهر سٺا ۽ جٽاءُ ڪندا، ۽ اسان جي رهڻ جون ماڙيون پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ قائم رهنديون: اهي پنهنجين زمينن تي پنهنجا نالا ٿا رکن.


منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جديءَ جي ڊاک جي باغن مان آهي.


هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.


مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ