Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:26 - Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:26
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي.


پر انسان ۾ روح آهي، ۽ قادر مطلق جو دم انهي کي سمجهہ ڏئي ٿو.


اندرين عضون ۾ عقل ڪنهن وڌو آهي؟ يا ڪنهن دل کي سمجهہ ڏني آهي؟


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا:


جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.


۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


ڇالاءِ جو ڪير مون کان وڌيڪ کائيندو يا مزا ماڻيندو؟


جيڪا تڪليف خدا انسان کي مشغوليءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏني آهي، سا مون ڏٺي آهي.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ