Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:24 - Sindhi Bible

24 ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ ڇا اسان انسانن لاءِ اهو بهتر ناهي جو اسين کائون، پيئون ۽ پنهنجي محنت جي ڦل مان پاڻ مزا ماڻيون؟ منهنجو ايمان آهي تہ اهي شيون اسان لاءِ خدا جون نعمتون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:24
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.


تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:


ڇالاءِ جو ڪير مون کان وڌيڪ کائيندو يا مزا ماڻيندو؟


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.


تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.


اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.


جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ