Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:23 - Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انسان جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل آهي ۽ سندس محنت هڪ عذاب آهي. ايتري قدر جو رات جو بہ سندس خيال کيس آرام ڪرڻ نہ ٿا ڏين. اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛


۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي.


پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن.


اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.


ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي.


جيترا ڏينهن تو اسان کي ڏکن ۾ رکيو، ۽ جيترا ورهيہ اسان آفتن ۾ گذاريا، اوتري خوشي اسان کي عطا ڪر.


۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.


ڇالاءِ جو گهڻي سياڻپ ۾ گهڻو ڏک آهي: ۽ جيڪو علم وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو.


تنهن کان پوءِ جيڪي ڪم منهنجي هٿن ڪيا، ۽ جيڪو پورهيو مون محنت ڪري ڪيو هو، تنهن تي مون نظر ڪئي: ۽ ڏسو سڀ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ هو، ۽ سج جي هيٺان ڪوبہ فائدو ڪونہ هو.


پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي.


پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.


جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ