Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:21 - Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو ڪو ماڻهو اهڙو آهي جنهن جو پورهيو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ هنر منديءَ سان آهي: انهي هوندي بہ اهو انهي جي حصي جي لاءِ ڇڏيندو جنهن انهي جي ڪرڻ ۾ ڪا بہ محنت نہ ڪئي آهي. اها بہ بيهودگي ۽ هڪڙي وڏي خرابي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن اسين محنت ڪندي پنهنجي ڏاهپ، علم ۽ هنر سان پنهنجي لاءِ ڪجھہ گڏ ڪريون ٿا، تڏهن اهو سڀ اسين ڇو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇڏي وڃون، جنهن انهيءَ لاءِ ڪابہ محنت نہ ڪئي هجي؟ اها بہ هڪڙي مصيبت آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


۽ انهيءَ جهڙي فسح جي عيد سموئيل نبيءَ جي ڏينهن کان وٺي اسرائيل ۾ اڳي ڪڏهن ڪانہ ڪئي ويئي هئي؛ نڪي اسرائيل جي بادشاهن مان ڪنهن بہ اهڙي فسح جي عيد ڪئي جهڙي يوسياہ، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين، ۽ ساري يهوداہ، ۽ اسرائيل، جي حاضر هئا، ۽ يروشلم جي رهاڪن ڪئي.


هاڻي اي خداوند آءٌ ڪنهن جي واٽ نهاريان ۽ انتظار ڪريان؟ مون کي تنهنجي ئي اميد آهي.


ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ داناءُ ماڻهو مريو ٿا وڃن، ۽ بيوقوف ۽ وحشي بہ فنا ٿا ٿين، ۽ پنهنجي ملڪيت ٻين لاءِ ڇڏي ٿا وڃن.


اهي پنهنجيءَ دل ۾ سمجهن ٿا تہ اسان جا گهر سٺا ۽ جٽاءُ ڪندا، ۽ اسان جي رهڻ جون ماڙيون پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ قائم رهنديون: اهي پنهنجين زمينن تي پنهنجا نالا ٿا رکن.


تنهن ڪري جيڪو پورهيو مون محنت ڪري سج هيٺان ڪيو هو تنهنجي نسبت ۾ آءٌ ڦري پنهنجي دل کي نااُميد ڪرڻ لڳس.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ