Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:16 - Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر افسوس! ڏاهو هجي توڙي بي‌عقل سڀ مري ٿا وڃن ۽ جلد ئي ماڻهن جي دلين مان وسريو ٿا وڃن. ائين نہ ٿو ٿئي جو ڏاهي کي بي‌عقل کان وڌيڪ ياد ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ابنير جي لاءِ ماتم ڪيو، ۽ چيائين تہ ابنير کي هڪڙي بي عقل وانگر مرڻ گهرجي ڇا؟


پر جڏهن مٿس واءُ ٿو لڳي تڏهن هو گم ٿيو وڃي؛ ۽ وري انهي جي جاءِ جي بہ خبر نٿي پوي.


ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ داناءُ ماڻهو مريو ٿا وڃن، ۽ بيوقوف ۽ وحشي بہ فنا ٿا ٿين، ۽ پنهنجي ملڪيت ٻين لاءِ ڇڏي ٿا وڃن.


اوندهہ ۾ تنهنجا عجيب ڪم پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر جي ملڪ ۾ تنهنجي راستبازي ياد رهندي ڇا؟


پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.


پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.


سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.


اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي.


ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.


تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ جيئن بي عقل سان ٿو ٿئي تيئن مون سان بہ ٿيندو؛ پوءِ ڇو آءٌ وڌيڪ ڏاهو ٿيس؟ تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اها بہ بيهودگي آهي.


ڇالاءِ جو ڏاهي کي بي عقل کان وڌيڪ ڪهڙو فائدو آهي؟ يا انهي غريب ماڻهوءَ وٽ ٻيو ڇا آهي، جو جيئرن جي اڳيان هلي ٿو ڄاڻي؟


ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.


۽ انهي سان گڏ مون شريرن کي دفن ٿيندو ڏٺو، ۽ اُهي قبر ۾ ويا؛ ۽ جن چڱا ڪم ڪيا هئا سي پاڪ مڪان مان هليا ويا، ۽ شهر مان ڀلجي ويا: اها بہ بيهودگي آهي.


هاڻي انهي ۾ هڪڙو غريب ڏاهو ماڻهوءَ هٿ آيو، ۽ انهي پنهنجي ڏاهپ سان انهي شهر کي بچايو؛ انهي هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ انهي غريب ماڻهو جي يادگيري ڪانہ ڪئي.


جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ