Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:13 - Sindhi Bible

13 تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي‌عقليءَ کان ايترو تہ بهتر آهي، جيترو روشني اونداهيءَ کان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ن تنهنجو ڪلام منهنجي واٽ لاءِ روشني، ۽ منهنجي پيرن لاءِ ڏيئو آهي.


تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.


سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.


ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.


جيڪڏهن لوهہ مڏو آهي، ۽ ماڻهو انهي جي ڪَنيءَ کي لائي تکو نہ ڪندو، تہ ان کي وڌيڪ زور لائڻو پوندو: پر ڏاهپ هدايت ڪرڻ لاءِ فائدي واري آهي.


سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.


ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.


تڏهن مون چيو تہ ڏاهپ زور کان بهتر آهي: انهي هوندي بہ غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ تي حقارت ظاهر ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ۽ هن جي ڳالهہ ڪوبہ ڪونہ ٿو ٻڌي.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.


ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ