Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:11 - Sindhi Bible

11 تنهن کان پوءِ جيڪي ڪم منهنجي هٿن ڪيا، ۽ جيڪو پورهيو مون محنت ڪري ڪيو هو، تنهن تي مون نظر ڪئي: ۽ ڏسو سڀ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ هو، ۽ سج جي هيٺان ڪوبہ فائدو ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي!


۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ماڻهو سج هيٺان جيڪو پورهيو ٿو ڪري تنهن مان هن کي ڪهڙو فائدو آهي؟


جيڪو پنهنجي پورهئي ۾ محنت ڪري ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو آهي؟


جيڪو چانديءَ کي پيار ٿو ڪري سو چانديءَ مان نہ ڍاپندو؛ نڪي جيڪو گهڻي انداز کي پيار ٿو ڪري سو زيادہ پيدائش مان ڍاپندو؛ اها بہ بيهودگي آهي.


۽ اها بہ هڪڙي وڏي خرابي آهي تہ هر طرح جيئن هو آيو هو تيئن هو ويندو: ۽ انهي کي ڪهڙو فائدو حاصل آهي تہ هو واءُ جي لاءِ پورهيو ڪري؟


ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟


پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ