10 ۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:
جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.
تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.
مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟
منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.
تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.
جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.
اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.
مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي اچ، آءٌ خوشيءَ سان توکي آزمائيندس؛ تنهن ڪري مزا ماڻ: ۽ ڏس اها بہ بيهودگي آهي.
ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي سج هيٺان تمام گهڻي محنت ڪري، ۽ پنهنجي دل جي ڪوشش سان ڇا حاصل ٿيو آهي؟
ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.
تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟
جيڪو چانديءَ کي پيار ٿو ڪري سو چانديءَ مان نہ ڍاپندو؛ نڪي جيڪو گهڻي انداز کي پيار ٿو ڪري سو زيادہ پيدائش مان ڍاپندو؛ اها بہ بيهودگي آهي.
پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.
ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.
ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.
اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.
تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.
انهن جي محبت، توڙي انهن جي عداوت، توڙي انهن جو حسد گم ٿي وڃي ٿو، نڪي جيڪي سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي تنهن مان ڪڏهن بہ وري اڳتي انهن کي ڪو حصو ملي ٿو.
جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.
ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.
۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو، ۽ چيائين تہ مون تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺي آهي: تنهنڪري هاڻي انهيءَ کي وٺي مون سان پرڻايو.