Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:5 - Sindhi Bible

5 هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن چيو تہ منهنجو پٽ اوهان سان نہ ويندو؛ هن جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ هو اڪيلو رهجي ويو آهي: ۽ رستي ۾ هن جي مٿان ڪا آفت اچي پيئي، تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.


۽ جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا، ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.


سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي، تڏهن هو مري ويندو: ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڪري، اسان جو پيءُ تنهنجو ٻانهو پنهنجن اڇن وارن سان ڏک سهي وڃي قبر ۾ پوندو.


اسان سان اڇي مٿي وارا ۽ تمام ڪراڙا ماڻهو آهن، جي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.


جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر ڄاڻي منتظر ٿو رهان؛ جي مون پنهنجو هنڌ اونداهيءَ ۾ وڇايو آهي؛


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.


اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو.


جوان ماڻهن جو فخر سندن زور آهي: ۽ ٻڍن ماڻهن جي سونهن سندن اڇو مٿو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.


تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.


آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.


تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ